شاهي مهمان خانو

شاهي مهمان خانو

شاهي مهمان خانو

شاهي مهمان خانو: تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ۾ موجود ٽالپر دور جي هي عمارت شاهي خاندان (ٽالپر حڪمران) جي مهمانن جي رهائش لاءِ تعمير ڪئي وئي. هيءَ عمارت ٽڪر بنگلي جي همعصر عمارتسازيءَ جي يادگار آهي، جيڪا بنگلي سان لڳ کليل ميدان ۾ اهڙيءَ ريت تعمير ڪرايل آهي ته جيئن بنگلي مان آسانيءَ سان مهمانن جي سار سنڀال لهي سگهجي. موجوده وقت ۾ هي عمارت هڪ خانگي اسڪول طور استعمال هيٺ آهي.
فن تعمير جي حوالي سان هيءَ عمارت نهايت سادي ۽ پرڪشش آهي. چئني پاسن کان ڪجهه ونگائن لنگهن کانپوءِ ڪمرا ٺهيل آهن. ٽڪريءَ تي هجڻ ڪري، گرميءَ جي موسم ۾ عمارت هوادار آهي. لنگهن کان سواءِ چئني طرف کان ڊگهيون دريون پڻ نصب ٿيل آهن. ڇت تي ٻيڙٻنو ڏنل آهي ۽ برساتي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ٿوري ٿوري وٿيءَ تي نيسارا به موجود آهن. مجموعي عمارت سادين سرن سان اڏيل آهي. ڪنهن به آرائش ۽ زيبائش کان پاسو ڪندي عمارت کي سادو رکيو ويو آهي، تنهن هوندي به مڪمل سفيد رنگ ۽ پيلي رنگ جي بارڊر سان هي عمارت ڏسڻ ۾ گهڻي قدر پرڪشش نظر اچي ٿي. هن عمارت جو وچيون حصو، باقي عمارت کان ڪجهه مٿڀرو آهي، تنهنڪري ڇت جي وچئين حصي تي الڳ ڇت ڏنل آهي ۽ چئني پاسن کان روشندان لڳل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو